زرداري محمد خان

زرداري محمد خان

زرداري محمد خان

محمد خان زرداري: مشھور اديب ۽ ليکڪ محمد خان زرداري 14 مارچ 1953ع تي ڳوٺ عالم خان زرداري، تعلقي شهدادپور، ضلعي سـانـگهـڙ ۾ پـيـدا ٿـيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي.1970ع ۾ مئٽرڪ ڊي. سي هاءِ اسڪول نوابشاهه مان، بي. اي سچل سرمست ڪاليج (سنڌ يونيورسٽيءَ) مان، ايم اي (سنڌي)، ايم اي (معاشيات) ۽ بي ايڊ جون ڊگريون پڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. ان کان سواءِ ايم ايڊ جي ڊگري زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان حاصل ڪئي. 1971ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت ۾ مقرر ٿيو. 1980ع ۾ ترقي حاصل ڪري جونيئر اسڪول ٽيچر ۽ 1986ع ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر طور ترقي حاصل ڪئي. 2006ع ۾ هاءِ اسڪول عالم خان زرداري ۾ هيڊ ماستر مقرر ٿيو ۽ ان کان علاون 2013ع ۾ ساڳئي اسڪول مان هيڊ ماستر جي حيثيت ۾ رٽائرڊ ٿيو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي سوانح، رسالي ۽ سندس همعصر بزرگن جي باري ۾ پهريون ڪتاب ’لطيفي رنگ رهاڻ‘ ٻيو ڪتاب ’لطيفي مڻيادار موتي‘، ٽيون ڪتاب ’موتي جي مهراڻ جا‘، چوٿون ’مهراڻ ڪوئز‘، پنجون ’مهراڻ عالمي معلومات‘ (ٻه حصا) ۽ ڇهون ڪتاب ’سُرها گُل ساڻيهه جا‘ (2019ع) جي نالي سان ڇپجي چڪا آهن. ان کانسواءِ سندس تحقيقي مقالا حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي مشهور سُرن ’ڪيڏارو‘، ’پورب‘، ’پرڀاتي‘، ’سُر آسا‘ ۽ نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.03.14  عيسوي

مشھور اديب ۽ ليکڪ محمد خان زرداري 14 مارچ 1953ع تي ڳوٺ عالم خان زرداري، تعلقي شهدادپور، ضلعي سـانـگهـڙ ۾ پـيـدا ٿـيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زيب ڀٽي
عبدالقيوم صائب
ڌاريجو علي حسن
حشو ڪيولراماڻي
شاهد احمد دهلوي
رسول بخش ٻگھيو گچيرائي
شيرازي محمد رضا پروفيسر
ايوب عمراڻي
لڇمڻ ڀنڀاڻي
عبدالحق عظيم
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون